شيخ توهدن دمياري

شيخ توهدن دمياري: بزرگ شيخ تودهن دمياري، نصرپور جي ڪامل ولين مان هو. سندس درگاهه نصرپور کان ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي بڪيرن طرف آهي، جيڪا زيارتين جو مرڪز بڻيل آهي. نامور محقق مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجي ڪتاب ‘تحفة الڪرام’ ۾ لکيو آهي ته، “شيخ تودهن دمياري پنهنجي وقت جو هڪ وڏو ڪامل پير هو.” جڏهن ته نامور ليکڪ ميرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ‘قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو’ ۾ هن بزرگ جو نالو ‘شيخ توڌس’ ڄاڻايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو